سخي جنگو خان شر جو مقبرو

سخي جنگو خان شر جو مقبرو

سخي جنگو خان شر جو مقبرو

سخي جنگو خان شر جو مقبرو: هيءُ مقبرو تعلقي ٺري ميرواهه، ضلعي خيرپورميرس ۾ واقع آهي. سخي جنگو خان پنهنجي وقت جو نامور سماجي خدمتگار ٿي گذريو آهي. پيشي جي لحاظ کان مقبرا جوڙائيندو هو. سندس پيءُ پنهنجي ذات وارن جو سردار هو. هيءُ مقبرو کوري جي پڪل سرن جو تعمير ٿيل آهي. مقبري کي ٻه گنبذ آهن، مهاڙيءَ ۾ ٻه ونگاوان لنگهه وچ تي ساڳيءَ طرز جو نمائشي در آهي. مقبري جي مهاڙيءَ ۾ طاقچن سان ٻن حصن ۾ ست ست نمائشي دريون آهن، اهڙيون نمائشي دريون ٻنهي پاسن وارين ديوارن ۾ به آهن، جن جو تعداد چار آهي. مقبري کي اندران توڙي ٻاهران پلستر ٿيل نه آهي، البت گنبذن کي اندران توڙي ٻاهران چن جو ليپو ڏنل نظر اچي ٿو، پر اهو به گهڻي قدر هن وقت ڇڻي ويو آهي. مقبري جي ٻيڙٻني تي پٺين نما ٿنڀڙيون ٺاهيون ويون آهن. مقبري کي سنئين ڇت آهي، جنهن تي اٺڪنڊي ڳچ تي ٻه گنبذ رکيل آهن. ٻنهي ڳچن جي چئني طرفن کان گول روشندان ڇڏيل آهن. گنبذ تي ڪوڻيءَ جي ابتي گل مٿان برجي ٺاهي وئي آهي. مقبري ۾ اندر ٻنهي طرفن کان چوڪنڊو نمائشي لنگهه ٺاهي، ان ۾ محراب ڇڏيا ويا آهن، جڏهن ته اندران ڇهه قبرون آهن، جيڪي پڻ پڪين سرن جي بٺين واريون آهن، جن لاءِ ”خيرپور، دي جيول اينڊ ڪرائون آف سنڌ“ جو محقق ڄاڻائي ٿو ته اهي قبرون ساڳئي قبيلي جي ڪن نامور ماڻهن سخي جنگو خان، ٻانجهي خان شر، اولادي خان، جان محمد شر، مولائي ڏنو، الياس شر جون آهن.
هي مقبرو پراڻو ڏسائي ٿو. سار سنڀال نه ٿيڻ ڪري زبون حال آهي. پيڙهه جون سرون ڪلر کائي ڇڏيون اٿس. ٻيڙٻني مان به سرون نڪرنديون ٿيون رهن. اندر مقيم قبرن جون بٺيون پڻ ڪلر جي ور چڙهيل آهن. مقبري جي موجوده حالت ڏسائي ٿي ته اهڙيءَ حالت رهڻ سبب گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگهندو. مقبري جي چوڌاري محدود پڌري آهي، باقي چئني طرفن کان آبادي ٿئي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو